مسلم ليگ ن جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي مشاورتي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.

نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت جو اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف پارٽي کي پي ٽي آءِ سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي صلاح ڏني.

ن ليگ ذريعن موجب مسلم ليگ ن مولانا فضل الرحمان، محمود اچڪزئي ۽ ٻين سياسي اڳواڻن سان ڳالهيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مسلم ليگ ن ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ نئون مڪاني نظام آڻڻ ۽ هلندڙ سال نومبر يا ڊسمبر ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.