پاڪستان ۾ وي پي اين وٺڻ لاءِ سرڪاري آن لائن سروس، رجسٽريشن جو طريقو ڄاڻيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) انٽرنيٽ جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ وي پي اين رجسٽريشن جي آن لائن سروس جاري ڪري ڇڏي آهي.

پي ٽي اي موجب ڪاروبار ۾ رنڊڪ نه اچڻ آپريشنز يقيني بڻائڻ لاءِ سافٽ ويئر هائوسز، ڪال سينٽرز، فري لانسرز ۽ پرڏيهي مشنز، سفارت خانن جي وي پي اينز کي پي ٽي اي ۽ پي ايس اي بي جي ويب سائيٽ تي موجود ون ونڊو آپريسنز تحت رجسٽر ڪري سگهجي ٿو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اها هڪ جاري سرگرمي آهي جنهن سان پي ٽي اي، آءِ ٽي وزارت، پي ايس اي بي ۽ پاشا ذريعي بهتر بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.