آءِ ايم ايف ۽ ٻيا ادارا قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناهن: قيصر بنگالي

اسلام آباد (م ڊ) اقتصادي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي 3 حڪومتي ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

دستاويزن موجب ڊاڪٽر قيصر بنگالي حڪومتي بچت ڪاميٽي، رائيٽ سائزنگ ۽ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي واري ڪاميٽي جو ميمبر هو.

ڊاڪٽر قيصر بنگالي استعيفيٰ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران افضل کي اماڻي ڇڏي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي سٺيون ڪوششون ڪيون، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ ٽئي ڪاميٽيون وڏيون اهم آهن، خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ ٽنهي ڪاميٽين تجويزون ڏنيون.

هن چيو ته ٽنهي ڪاميٽين 70 سرڪاري ادارن ۽ 17 سرڪاري ڪارپوريشنز جو جائزو ورتو، خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ 17 ڊويزن بند ڪرڻ ۽ 50 سرڪاري کاتا بند ڪرڻ جي تجويز ڏني.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ٽنهي ڪاميٽين جي تجويزن جي ابتڙ اپاءَ وٺي رهي آهي، خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ آفيسرن بدران ننڍا ملازم ڪڍيا پيا وڃن، حڪومت تجويزن جي ابتڙ گريڊ 1 کان 16 جي ملازمن کي فارغ ڪري رهي آهي، کاتن مان گريڊ 17 کان 22 جي آفيسرن جي نوڪرين کي بچايو پيو وڃي.

ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته کاتن ۾ وڏن آفيسرن کي هٽائيو وڃي ته ساليانو 30 ارب جا خرچ گهٽ ٿيندا، معيشت تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي، معيشت قرضن جي ڪري وينٽي ليٽر تي آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ٻيا ادارا قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، ملڪ ۾ گهريلو بجيٽ تباهه ۽ ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.