سلمان خان پوڙهو ٿي ويو، اٿڻ ۾ ڏکيائي، مداح پريشان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي تازي وڊيو سندس مداحن کي اداس ڪري ڇڏيو.
اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جيڪا ڀارت جي مشهور پاپارازي اڪائونٽس پاران شيئر ڪئي وئي آهي، اها وڊيو شايد ڪنهن تقريب جي آهي، جنهن ۾ سلمان خان کي چيف گيسٽ طور دعوت ڏني وئي هئي.
ماضي جي مشهور ۽ ورسٽائل اداڪارا سونالي بيندري کي به تقريب ۾ دعوت ڏني وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب جڏهن سونالي تقريب ۾ آئي ته سلمان خان ساڻس ملڻ لاءِ پنهنجي سيٽ تان بيهڻ لڳو پر کيس مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو.
وڊيو ۾ ڏسجي سگهجي ٿو ته سلمان خان مشڪل سان اٿي بيٺو.
وڊيو ۾ اهو به ڏسڻ ۾ پيو اچي ته اداڪار بيهي ٿو ۽ سونالي جو انتظار ڪري ٿو ۽ جڏهن هوءََ اچي ٿي ان سان ملي ويهي رهي ٿو.
سلمان جي ان وڊيو کي ڏسي مداح جذباتي ٿي ويا ۽ وڊيو تي تبصرن ۾ مداحن جو چوڻ هو ته اسان جا ليجنڊ ۽ هيروز پوڙها ٿي رهيا آهن،
واضح رهي ته 58 ورهين جي اداڪار سلمان خان سونالي بيندري سان گڏ 1999ع جي سپر هٽ فلم ”هم ساٿ ساٿ هين“ ۾ ڪم ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.