ڪراچي جي هڪ ضلعي ۾ سڀاڻي تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برساتن سبب ڪراچي جي وچ ضلعي ۾ سڀاڻي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر موجب وچ ضلعي ۾ سڀاڻي تعليمي ادارا بند رهندا، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ٻين ضلعن جي ڊي سيز في الحال تعليمي ادارن جي بندش جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ڪيو.
واضح رهي ته اسڪولن جي بندش جو فيصلو هر ضلعي جو ڊي سي پاڻ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.