سنڌ ۾ برساتون، تعليم کاتي اهم اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي اعلان ڪيو آهي ته سڀاڻي صوبي ۾ اسڪول معمول موجب کليل رهندا.
تعليم کاتي طرفان چيو ويو آهي ته سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي انتظاميا والدين سان رابطي ۾ رهي، اسڪول بند هجڻ يا موڪل جي افواهن ۽ اڳڪٿين تي ڌيان نه ڏنو وڃي.
واضح رهي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جيڪو 31 آگسٽ تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.