عورت ڪرائم پيٽرول ڏسي 3 ورهين جي ڌيءُ کي قتل ڪري محبوب سان گڏ فرار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار جي علائقي مظفر پور ۾ هڪ سوٽ ڪيس مان 3 ورهين جي ٻارڙي جو لاش مليو ۽ واقعي جي جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب سوٽ ڪيس مان ملندڙ ٻارڙي جي لاش جي سڃاڻپ 3 ورهين جي مٺي جي نالي سان ٿي، جنهن جي قتل جا پيرا ڪنهن ٻئي نه سندس سڳي ماءُ ڏانهن وڃن ٿا.
ٻارڙي جي سڃاڻپ کانپوءِ ان جي گهر جي تلاشي ورتي وئي ته فرانزڪ ٽيم کي فرش تي، سنڪ ۾ ۽ ڇت تي رت جا نشان مليا، جڏهن ته ٻارڙي جي ماءُ گم هئي.
پوليس کي خبر پئي ته ڪاجل واقعي جي ڏينهن پنهنجي مڙس منوج کي فون ڪئي هئي ۽ ٻڌايو هو ته پنهنجي ماسي جي گهر وڃي رهي آهي.
منوج زال تي شڪ ظاهر ڪندي ان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي، پوليس ڪاجل جي فون جي لوڪيشن جو پتو لڳايو، هوءَ پنهنجي بواءِ فرينڊ جي گهر هئي.
پڇا ڳاڇا دوران ڪاجل پوليس کي ٻڌايو ته هوءَ ٻن سالن کان غير ازدواجي لاڳاپن ۾ آهي ۽ بواءِ فرينڊ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي.
پوليس موجب ٻنهي گڏ فرار ٿيڻ جو پروگرام ٺاهيو پر ڪاجل جي بواءِ فرينڊ ٻارڙي کي گڏ کڻڻ کان انڪار ڪيو.
قاتل ماءُ ڪاجل پوليس کي ٻڌايو ته مان پنهنجي مڙس کان هر حال ۾ جان ڇڏائڻ پئي چاهي ۽ بواءِ فرينڊ ڌيءُ کي گڏ رکڻ لاءِ تيار نه هو، تنهن ڪري ڪرائم پيٽرول ڊرامو ڏسي ٻارڙي کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.
ظالم ماءُ پنهنجي 3 ورهين جي ڌيءُ جو ڳلو ڪپي لاش سوٽ ڪيس ۾ وڌو ۽ ڪانڊيرن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب جاچ دوران ثابت ٿيو ته بواءِ فرينڊ ڪاجل کي ڌيءُ مارڻ لاءِ نه چيو، اهو قدم هن انفرادي طور کنيو، تنهن ڪري بواءِ فرينڊ کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.