تيز برساتون، سنڌ حڪومت جو تعليمي ادارن ۾ موڪلون ڏيڻ تي غور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت تيز برساتن کي ڏسندي تعليمي ادارن ۾ موڪلن تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ موجب صوبي ۾ 27 کان 31 آگسٽ تائين تيز برساتن جو امڪان آهي، سنڌ حڪومت طرفان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، تعليمي ادارا کليل رکڻ يا بند ڪرڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي، عوام ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيارين سان رابطو ڪري.
هن چيو ته وزيراعليٰ هائوس ۾ رين ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت صوبي جي 30 ضلعن ۾ انچارج مقرر ڪيا آهن، وڏي وزير سڀني کي متحرڪ رهڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، مهاڻن کي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.