ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر ڪنگنا رناوت کي پنهنجي نئين فلم “ ايمرجنسي “ جي رليز کان اڳ موتمار ڌمڪيون مليون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪنگنا رناوت پنهنجي نئين فلم ايمرجنسي ۾ اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، فلم ڇهه سپٽيمبر تي سئنما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.
فلم جي رليز کان اڳ سوشل ميڊيا تي ڪنگنا رناوت کي موتمار ڌمڪيون مليون آهن.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو منظرعام تي آئي، جنهن ۾ هڪ همراهه ڪنگنا رناوت کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان جيڪڏهن اِها فلم رليز ڪئي ته سردار ( سک ) اوهان چپلون هڻندا، چماٽون ته اوهان کي پهريان ئي لڳي چڪيون آهن.
وڊيو ۾ هڪ ٻئي همراهه چيو ته تاريخ سان هٿ چراند نه ٿي ڪري سگهجي، جيڪڏهن فلم ۾ سکن کي دهشتگرد طور پيش ڪيو ويو ته پوءِ ياد رکجو ته فلم ڪنگنا جنهن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ان جو حقيقت ۾ ڪهڙو حشر ٿيو هو.
ان همراهه ڪنگنا کي ڌمڪي واري انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن اسان سر ڪٽرائي سگهون ٿا ته سر ڪٽي به سگهون ٿا.
ڪنگنا رناوت پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي ڌمڪي جوڳي وڊيو شيئر ڪندي مهارشٽرا ۽ پنجاب پوليس کي ٽيگ ڪيو ۽ چيو ته مهرباني ڪري ان معاملي تي نظر وجهو.
ياد رهي ته ڪنگنا رناوت ڀارت جي عام چونڊن ۾ بي جي پي جي ٽڪيٽ تي مندي مان لوڪ سڀا جي سيٽ تي ڪانگريس جي اميدوار کي 74 هزار 755 ووٽن تان شڪست ڏني هئي.
You might also like