نيپرا جو بجلي اگهن جي 20 فيصلن تي نئين سر ٻڌڻي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اپيليٽ ٽربيونل جي حڪم تي بجلي اگهن جي 20 فيصلن تي نئين سر ٻڌڻي جو فيصلو ڪيو آهي.
نيپرا بجلي اگهن بابت جاري ڪيل 20 فيصلن تي نئين ٻڌڻي ڪندي، ماهوار ۽ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽس تحت ڪيل فيصلن ۾ نئين ٻڌڻي ٿيندي.
پاور ريگيوليٽري اٿارٽي 20 فيصلن تي نئين سر ٻڌڻي لاءِ 3 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
نيپرا 2021، 2022 ۽ 2023 دوران ڪيل فيصلن تي ٻڌڻي ڪندي، ان کانسواءِ نيپرا 15 ماهوار ۽ 5 ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽس جي فيصلن تي نئين سر ٻڌڻي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.