بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين بلوچستان ۾ تازي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪندي پاڪستان سان سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ۽ انهن حملن ۾ جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيون ٿا، چين دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو.
هن چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي خلاف مضبوط بيٺو آهي، اسان دهشتگردي خلاف ڪارروائين کي اڳتي وڌائڻ، سماجي يڪجهتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ماڻهن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکنداسين.
ترجمان چيو ته چين پاڪستان سان دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي گڏيل تحفظ لاءِ تيار آهي.
چين جي بلوچستان ۾ دهشتگرد واقعن جي مذمت، پاڪستان سان سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ جو اعلان
Prev Post
You might also like