ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي جي آفيسر ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي گهرواري ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي سينئير ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن زرقا سهتو بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري وئي.
زرقا سهتو برين هيمريج سبب گذريل ڪجهه ڏينهن کان مقامي اسپتال ۾ داخل هئي، جيڪا اڄ شام گذاري وئي.
عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ناصر خٽڪ، زرار پيرزادو، مدثر سنگراني، سارنگ زين، ذوالفقار راڄپر ۽ ٻين زرقا سهتو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪئي آهي.
You might also like