ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چوماسي جو طوفاني اسپيل ڪراچي پهچي ويو ۽ مختلف علائقن ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي.
موسميات کاتي موجب طوفاني اسپيل ڪراچي ۾ انٽري ڏئي ڇڏي، جنهن جي اثر هيٺ ملير، شاهه فيصل ڪالوني، گڏاپ ۽ بحريا ٽائون ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.
واضح رهي ته موسميات کاتي اڄ کان ملڪ ۾ طاقتور چوماسي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ 26 کان 29 آگسٽ تائين سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي.
You might also like