اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي ڌرڻا هڻندڙ ۽ جلوس ڪڍندڙ بلوچستان ۾ وهايل ناحق رت تي به ڳالهائين ۽ احتجاج ڪن.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته بلوچستان ۾ اڳ به ٻين صوبن مان وڃي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، غريب ماڻهو روزي جي ڳولا ۾ اتي ويندا آهن.
هن چيو ته اهي بلوچ عليحدگي پسند تنظيمن جون ڪارروائيون آهن، انهن واقعن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، ان تي لازمي ردعمل ايندو، ماڻهن جو ناحق رت وهائيندڙن کي انجام تي پهچائينداسين.
سندس چوڻ هو ته ڇا بلوچستان ۾ ٻين پاڪستانين جا ڪي حق ناهن، اسلام آباد ۾ اچي گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي ڌرڻا هنيا ويندا آهن، ڪنهن کي توفيق ناهي ٿيندي ته هنن واقعن جي به مذمت ڪن، اتي بي ڏوهن کي بسن مان لاهي ماريو پيو وڃي.
خواجا آصف چيو ته ڪا تحريڪ ڊبل اسٽينڊرڊ سان ڪامياب ناهي ٿيندي، گم ٿيلن مان ڪي دبئي ويٺا آهن ڪي ٻين ملڪن ۾، پنجاب ۾ سڀني صوبن جا ماڻهو ملازمت ڪندا آهن، پنجاب جي سرزمين سڀني پاڪستانين جي ملڪيت آهي، پاڪ سرزمين تي سڀني جا حق برابر آهن.
You might also like