اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سعودي عرب کي وڌيڪ 1.2 ارب ڊالر قرض جي درخواست ڪري ڇڏي، نئين قرض جو مقصد 2 بلين ڊالر جي فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ آهي.
پاڪستان تي اڳ ئي سعودي عرب جو 5 ارب ڊالر ڪيش ڊپازٽ جو قرض واجب الادا آهي، جڏهن ته پاڪستان وٽ چين کان 4 ارب ڊالر ۽ امارات وٽان 3 ارب ڊالرز جا روڪ ذخيرا آهن.
ذريعن موجب حڪومت چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان 12 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ڪرائڻ لاءِ به سرگرم آهي.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب چين سميت 4 ارب 50 ڪروڙ ڊالر جو ڪمرشل قرض ان کانسواءِ آهي.
ٻئي طرف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو 4 سيپٽمبر تائين شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، پاڪستان جو نالو في الحال آءِ ايم ايف جي بورڊ جي شيڊول ۾ شامل ناهي.
ناڻي واري وزارت سيپٽمبر ۾ 7 بلين ڊالر قرض پروگرام جي حتمي منظوري لاءِ پراميد آهي.
You might also like