ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ڪراچي ۾ اڱاري کان وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي سموري اسٽاف جون موڪلون رد ڪري ميئرڪراچي مرتضيٰ وهاب ميونسپل سروسز کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته وچ ڀارت ۾ موجود طاقتور هوا جو گهٽ دٻاءُ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ سسٽم ڊپريشن جي صورت ۾ مڌيا پرديش ۾ موجود آهي.
موسميات کاتي مهاڻن کي به 31 آگسٽ تائين سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي صلاح ڏني آهي.
ان کانسواءِ هن سسٽم جي اثر هيٺ هوائون سنڌ ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون، جنهن سبب اڄ کان 31 آگسٽ دوران سنڌ ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
ڪراچي ۾ اڄ کان 31 آگسٽ تائين گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
You might also like