تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر ميجر جنرل حسين سلامي پنهنجي عوام کي خاطري ڪرائي آهي ته اسماعيل هنيه جي شهادت جو پلاند جلد ورتو ويندو.
عرب ميڊيا موجب پاسداران انقلاب جي سربراهه اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ميڙاڪي کي خطاب دوران ڪيو، هن عوام کي خاطري ڪرائي ته توهان جلد اسرائيل تي جوابي حملي بابت سٺي خبر ٻڌندئو.
جنرل حسين سلامي پنهنجي تقرير ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ايران جي خود مختياري ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڏوهه ۾ صيهوني رياست کي انتقامي ڪارروائي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
پر هن پنهنجي تقرير ۾ اسرائيل تي جوابي ڪارروائي بابت ڪو ٽائم فريم نه ڏنو.
You might also like