بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ ۾ هڪ ننڍو مسافر جهاز اڏام دوران لوڏا کائيندي هيٺ ڪري تباهه ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائلينڊ ۾ ڊوميسٽڪ اڏام لاءِ هڪ ننڍي مسافر جهاز بئنڪاڪ جي مک هوائي اڏي تان اڏام ڀري هئي پر ڪجهه ئي دير کانپوءِ ان جو ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪٽجي ويو.
حادثي کانپوءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو ۽ جهاز جو ملبو ٿائلينڊ هوائي اڏي کان تقريبن 40 ڪلو ميٽر پري مليو.
بدقسمت جهاز ۾ 5 مسافر، ٻه ايئر هوسٽس، هڪ پائلٽ ۽ مددگار پائلٽ سوار هئا، جن مان ڪو به جيئرو نه بچيو.
مري ويل 5 ئي مسافرن جو واسطو هانگ ڪانگ سان هو ۽ هو چين ڄاول شهري هئا، جڏهن ته ايئرهوسٽس ۽ پائلٽس ٿائي شهري هئا.
حادثي جو سبب ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
Prev Post
You might also like