ممبئي (ويب ڊيسڪ) جولاءِ 2024 ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندڙ ڀارتي اداڪارائن جي فهرست جاري ٿي وئي.
ڀارت جي مقبول ترين فلم اسٽارز جي سروي ڪندڙ ويب سائيٽ ”اورميڪس ميڊيا“ جولاءِ 2024 جي مقبول ترين ڀارتي اداڪارائن جي نالن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب بالي ووڊ اسٽار عاليا ڀٽ سڀني بالي ووڊ ۽ سائوٿ انڊين اداڪارائن کي شڪست ڏيندي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي اداڪارا سمانٿا روٿ پرڀو جو نالو موجود آهي.
ان کانپوءِ دپيڪا پڊڪون آهي، جڏهن ته چوٿين نمبر تي ڪاجل اگروال ۽ پنجين تي ننيتارا آهي.
فهرست ۾ ڇهين نمبر تي ڪتريفا ڪيف، ستين تي تريشا، اٺين تي ڪيارا آڏواڻي، نائين تي ڪريتي سينن ۽ آخري ڏهين نمبر تي رشميڪا مندانا موجود آهي.
You might also like