پاڪستان ۾ طاقتور ماڻهو لاءِ ڪو قانون ناهي: آمنا الياس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس چيو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو غريب لاءِ قانون آهي، طاقتور لاءِ ڪو قانون ناهي.
آمنا الياس اداڪار عفان وحيد سان گڏ رومانوي ڪاميڊي فلم ”مستاني“ جي رليز جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي فلم ۾ پنهنجي ڪردار سان گڏ ٻين معاملن تي به ڳالهايو.
صحافي طرفان عورتن جي تشدد ۽ جنسي زيادتي جي وڌندڙ واقعن بابت سوال تي اداڪارا چيو ته مان هڪ عورت جي حيثيت سان پاڻ کي پاڪستان ۾ محفوظ نٿي سمجهان، جيڪڏهن خدا نخواسته مستقبل ۾ مون سان اهڙو ڪجهه ٿيو ۽ سامهون وارو انسان طاقتور نڪتو ته مون کي انصاف ڪيئن ملندو؟ ڇو ته پاڪستان ۾ طاقتور ماڻهو لاءِ ڪو قانون ناهي.
هن چيو واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته سڀ مرد هڪجهڙا ناهن، اسان جي معاشري ۾ ڪجهه مرد ئي آهن جيڪي جانور آهن يا وري دماغي مريض، انهن جي ڪري اسان جو هر مرد برو بڻجي ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيستائين اهڙا ڏوهه ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا نه ڏينداسين تيستائين واقعا نه گهٽجندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.