ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪارساز ٽريفڪ حادثي جي جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته جوابدار عورت جي ميڊيڪل رپورٽ به دير جو شڪار آهي.
جاچ ذريعن موجب ميڊيڪل رپورٽ ۾ وڌيڪ 2 کان 3 ڏينهن لڳي سگهن ٿا، جوابدار عورت وٽان ورتل نمونا ٻن مختلف ليبارٽريز ۾ موڪليا ويا آهن، لاهور جي به هڪ ليبارٽري ۾ عورت جا نمونا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران عورت لاڳيتو بيان تبديل ڪري رهي آهي، ڪيس ۾ قتل خطا جو قلم 320 لڳائي ڪيس ڪمزور ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ قلم کي تبديل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ قتل بالسبب جو قلم 322 شامل ڪيو ويو آهي.
جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته قتل بالسبب ۾ ديت سان گڏوگڏ 10 کان 18 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي، گهر ڀاتي 30 هزار 360 گرام چاندي جي اگهه برابر ديت جي رقم وٺي سگهن ٿا جيڪا تازن اگهن موجب 68 لک 50 هزار رپيا ٿئي ٿي، ديت جي وصولي جي صورت ۾ ڪيس ختم ٿي ويندو.
ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ جاچ لاءِ خاص ٽيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ موجب ايس ايس پي رينڪ جو آفيسر جاچ ٽيم سان ڪم ڪندو، ڪيس کي هاءِ پروفائل ڪيس جيان ورتو ويندو.
You might also like