ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت ڪارساز تي گاڏي جي ٽڪر ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ فوت ٿيڻ جي ڪيس ۾ عورت جوابدار کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
ڪيس جي ٻڌڻي مقامي عدالت ۾ ٿي، جتي پوليس جوابدار عورت کي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو.
ٻڌڻي دوران پوليس جوابدار عورت جي 14 ڏينهن جي رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن تي وڪيل چيو ته منهنجي اصيل خلاف قلم ضمانت جوڳا آهن، ان تي جاچ آفيسر چيو ته قلم 322 ناقابل ضمانت آهي.
ٻڌڻي دوران عدالت عورت کان پڇيو ته پوليس توهان تي ڪو تشدد ته ناهي ڪيو؟ جنهن تي هن چيو ته نه.
پوءِ عدالت عورت کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
You might also like