راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته مان مطالبو ڪيان ٿو ته جنرل فيض حميد جو اوپن ٽرائل ڪيو وڃي، اوپن ٽرائل ۾ ميڊيا کي ڪوريج جي پهچ ڏني وڃي.
هن چيو ته فيض حميد جي اوپن ٽرائل سان ملڪ جو فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان ترقي ڪندو، جنرل فيض ۽ منهنجو معاملو فوج جو انٽرنل مسئلو ناهي، مان اڳوڻو سول وزيراعظم آهيان، مون کي ملٽري ڪورٽ وٺي وڃڻ سان ملڪ جو اميج خراب ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته فيض حميد رٽائرمينٽ کانپوءِ زيرو ٿي ويو، ان سان رابطو رکندس ته مون کي ڪهڙو فائدو ڏيندو، جنرل فيض رٽائرمينٽ کانپوءِ هيرو نه رهيو هو.
عمران خان چيو جيڪڏهن 9 مئي سازش جو مک ڪردار جنرل (ر) فيض آهي ته اوپن ٽرائل ڪيو وڃي، 9 مئي تي منهنجي اغوا جو حڪم فوج جي نمبر ون بادشاهه، سپر ڪنگ ڏنو هو، 9 مئي جو معاملو نيشنل سيڪيورٽي نه لوڪل ايشو آهي.
					You might also like
		
	
	
					 
			