عورت ڊرائيور جي غفلت واضح آهي: ڊي آءِ جي اولهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي اولهه اظفر مهيسر ڪارساز حادثي بابت چيو آهي ته سي سي ٽي وي وڊيو ۾ جوابدار عورت جي غفلت واضح سامهون آئي آهي، عورت وٽان حاصل ڪيل نمونن جي رپورٽ جو انتظار آهي، واقعي جا وڌيڪ سي سي ٽي وي فوٽيجز به حاصل ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته عورت پهريان موٽرسائيڪل کي پٺيان ٽڪر هنيو ۽ پيءُ ۽ ڌيءُ کي چيڀاٽيندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان دوران هن ٻي گاڏي کي به ٽڪر هنيو. عورت کي شهرين پڪڙيو هو، واقعي جي شفاف جاچ ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي پوليس جي ڪردارڪشي ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته جوابدار عورت جو ڊرائيونگ لائسنس ٺهيل ناهي. عورت وٽ پرڏيهي لائسنس آهي جيڪو قابلِ قبول ناهي. واقعي جي ڪيس ۾ ديت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.