اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف کي سزا ٿيندي، اهو فيض حميد فيصلي کان اڳ ٻڌائي ڇڏيو هو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي سينيئر جج نواز شريف ۽ فيض حميد بابت اهم انڪشاف ڪيا.
هن چيو ته فيض حميد منهنجي گهر آيو هو ۽ چيائين ته نواز شريف ۽ مريم نواز جو ڪيس توهان وٽ اچي ته ڇا ڪندئو؟ جنهن تي مان چيو ته آخرت خراب نٿو ڪري سگهان، ان تي فيض حميد چيو پوءِ ته اسان جي ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي.
جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي جي بقول ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو وري آيو ۽ چيائين ته توهان وٽ جلدي اچان ها پر ڪراچي ايم ڪيو ايم جا اسڪرو ٽائٽ ڪرڻ ويو هيس، منهنجو باس باجوا صاحب چئي رهيو آهي ته توهان کان هڪ جج قابو نٿو ٿئي، مون کي قائم مقام چيف جسٽس بڻائڻ جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا مان رد ڪري ڇڏي.
You might also like