بندش جون خبرون رد، حڪومت نيٽ جي سستي جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت مملڪتي وزير شزا فاطمه انٽرنيٽ جي بندش ۽ رفتار گهٽ ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته وي پي اين جي وڌندڙ استعمال سان مسئلو ٿيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شزا فاطمه چيو وزيراعظم جي ترجيح آهي ته آءِ ٽي ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري اچي، شهباز شريف نيشنل ڊجيٽلائيزيشن ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪس ٺهندا، گوگل ۽ ميٽا کان ٻارن کي سرٽيفڪيٽ ڏيارينداسين.
هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ هڪ ٻار هيلمٽ ٺاهيو، جيڪو ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ آهي، هڪ ٻار دستانا ٺاهيا، هڪ ٻارڙي ڊرون ٺاهيو، هڪ ارب رپين سان برج اسٽارٽ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، پاڪستان اسٽارٽ اپ فنڊ قائم ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته اسان انٽرنيٽ کي بند نه ڪيو، نه سبب ڪيو پر ورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪ (وي پي اين) جي وڌيڪ استعمال سبب دٻاءُ آيو، حڪومت کي اندازو آهي ته انٽرنيٽ متاثر ٿيڻ سان عوام کي ڪاوڙ آهي، ڪوشش ڪيون پيا ته ماڻهن کي وڌيڪ ڏکيائي نه ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.