ڪراچي (نمائندن وٽان+ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل ڏينهن 49 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. روهڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ 16 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو جنهن سبب ٻوڏ جو خدشو پيدا ٿي پيو.
موسميات کاتي چيو آهي ته برساتن جو نئون نظام ملڪ ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب ۾ 18 کان 24 آگسٽ تائين تيز برساتن جو امڪان آهي.
سنڌ ۾ نوابشاهه ۽ سکر ۾ ڪجهه هنڌن تي اربن فلڊنگ جو خطرو آهي.
موسميات کاتي گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر، شهدادڪوٽ، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ڄامشوري ۽ دادو ۾ وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
اها صورتحال 19 آگسٽ تائين برقرار رهندي. ڪراچي، ٿرپارڪر، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، مٺي، ٽنڊ محمد خان، سجاول ضلعن ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب ٻن ڏينهن دوران تيز برسات پوندي. لاهور، سيالڪوٽ ۽ نارووال ۾ شهري ٻوڏ جو خرو آهي، چناب درياهه ۾ وچولي درجي ٻوڏ جو خدشو آهي.
بلوچستان ۾ قلات، زيارت، زوب ۽ ڪوئيٽا اثر هيٺ هوندا.