ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن سبب اربن فلڊنگ جو خدشو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تيز برساتن سبب ملڪ جي مختلف حصن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب 24 کان 48 ڪلاڪن دوران مختلف علائقن ۾ آنڌاري ۽ برساتن جو امڪان آهي، لاهور، سيالڪوٽ ۽ نارووال ۾ تيز برساتن سان اربن فلڊنگ جو خدشو آهي، چناب درياهه ۾ وچولي کان اوچي درجي جي وهڪري جو امڪان آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته رحيم يار خان، بهاولپور ۽ ملتان ۾ به برسات ۽ اربن فلڊنگ جو امڪان آهي، جڏهن ته برساتن سان ڊي جي خان ۽ راجن پور جي جابلو ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب قلات، زيارت، زوب ۽ ڪوئيٽا ۾ به برساتن ۽ جبلن تان ٻوڏ وهڪرن جو خدشو آهي، جڏهن ته نواب شاهه ۽ سکر ۾ ڪجهه هنڌن تي اربن فلڊنگ ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.