گڏيل قومن پاران فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم بنگلاديش موڪلڻ جو فيصلو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم بنگلاديش موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بنگلاديش جي عبوري حڪومت تصديق ڪئي آهي ته 1971 ۾ بنگلاديش جي قيام کان پوءِ پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي ٽيم ايندڙ هفتي ملڪ جو دورو ڪندي.
گڏيل قومن جي انساني حقن جي سربراهه وولڪر ترڪ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه پروفيسر محمد يونس سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم موڪلڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو.
وولڪر ترڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو ته عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس سان ٽيلي فون تي ڳالهين ۾ هن ايڪي جو اظهار ڪيو ۽ جاچ جو يقين ڏياريو، جنهن تي محمد يونس سندس ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.