انسانن کان وڌيڪ ڪُتن سان گڏ وقت گذاريندي آهيان: مصباح ممتاز

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ماڊل ۽ اداڪارا مصباح ممتاز چيو آه يته هوءَ انسانن بدران جانورن خاص طور پنهنجي پالتو ڪُتن سان گهڻو وقت گذاريندي آهي.
مصباح ممتاز ويجهڙائي ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت، جتي هن ڪيريئر سميت ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته سندس اصل تعلق گلگت بلتستان سان آهي، جتي شوبز ۽ ماڊلنگ ۾ وڃڻ غلط سمهيو ويندو آهي ۽ جڏهن هن ماڊلنگ شروع ڪئي ته کيس خاندان وٽان مخالفت جو منهن ڏسڻ پيو .
سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ هنزا مان ڪيئي ڇوڪريون مختلف شعبن ۾ وڃي خطي، ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيون آهن، پر ان باوجود اتي مسئلا موجود آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ ذهني سڪون لاءِ سير سفر کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي، ان کانپوءِ پنهنجي ڪٽنب ۽ پالتو جانورن سان وقت گذاريندي آهي.
هن چيو ته شام جو هوءَ اڪثر پنهنجي پالتو ڪُتن سان وقت گذاريندي آهي، وٽس چار خوبصورت ڪُتا آهن.
مصباح ممتاز چيو ته هوءَ انسانن بدران ڪُتن سان گڏ ويهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي ڇو ته انسانن جي ڀيٽ ۾ جانور وڌيڪ وفادار هوندا آهن، هو پيار ڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.