بجلي اگهه گهٽائڻ لاءِ وفاق سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بجلي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ سنڌ حڪومت وفاق سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي.
قائداعظم جي مزار تي صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته دعا آهي ماڻهن جون پريشانيون ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون، هن ڀيري شهري برساتن کي انجواءِ ڪري رهيا آهن، ڪراچي جون حالتون اڳ کان بهتر آهن.
ان کان اڳ بلديا عظميٰ جي آفيس ۾ يوم آزادي جي موقعي تي مرتضيٰ وهاب پرچم ڪشائي ڪئي ۽ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.