سيف سٽي پراجيڪٽ جو پهريون فيز جون تائين مڪمل ڪيو ويندو: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سيف سٽي پراجيڪٽ جو پهريون فيز جون تائين مڪمل ڪيو ويندو.
آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين پوليس آفيسرن قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس آفيسر ۽ اهلڪار قربانيون ڏئي رهيا آهن، عوام جي حفاظت جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ پوليس بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، جنهن سان ڏوهه گهٽجي رهيا آهن.
هن چيو ته آزادي ڏهاڙي تي فائرنگ جي واقعن ۾ ماڻهو زخمي ٿيا، جيڪو افسوسناڪ آهي، هوائي فائرنگ تي 40 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.