سزا يافته شخص کي وزير بڻائڻ تي ٿائلينڊ جو وزيراعظم برطرف

بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ جي عدالت وزيراعظم سريٿا ٿاويسين کي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائلينڊ جي هڪ عدالت ماضي ۾ سزا يافته وڪيل کي پنهنجي ڪابينا ۾ وزير بڻائڻ تي وزيراعظم سريٿا ٿاويسين کي سزا ڏيندي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو.
عدالت فيصلي ۾ چيو ته وزيراعظم اهڙي وڪيل کي عهدو ڏنو، جنهن جيل جو وقت ڪابينا ۾ گذرايو.
رپورٽ موجب 9 مان 5 ججن ٿائلينڊ جي وزيراعظم ۽ ڪابينا کي برطرف ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، پنهنجي برطرفي تي ردعمل ۾ سريٿا ٿاويسين چيو ته مان ايمانداري سان پنهنجو ڪم ڪيو پر عدالتي فيصلي کي قبول ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.