ڇا توهان کي ڪنهن شادي شده جوڙي جي ڪامياب تعلق پويان راز جي خبر آهي؟
اهو راز توهان جي زبان ۾ لڪيل آهي.
اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته هڪٻئي سان خوش جوڙن ۾ به ويڙهه ٿيندي آهي پر ان کي ترت ختم ڪرڻ جو دارومدار توهان جي زبان تي هوندو آهي.
جي ها جيڪڏهن توهان شريڪ حيات سان سخت بحث ڪري رهيا آهيو ته رڳو 5 سيڪنڊن جي چُپ يا وقفو وڌيڪ تڪرار کي روڪي سگهي ٿو.
اها ڳالهه هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي.
اسڪاٽ لينڊ جي سينٽ اينڊريوز يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جهيڙي دوران ڪجهه دير خاموشي باهه وسائڻ جو ڪم ڪندي آهي، جنهن سان ويڙهه ناهي وڌندي.
تحقيق موجب رڳو 5 سيڪنڊن جي خاموشي ڊگهي وقفي جيتري اثرائتي ثابت ٿيندي آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل نيچر ۾ ڇپيا آهن.
You might also like