تاجڪستان کي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تاجڪستان کي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صنعت ۽ پيدوار واري وفاقي وزاير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائزري بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تاجڪستان کي کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب تاجڪستان کي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سطح تي برآمد ڪئي ويندي، کنڊ جي ريٽيل قيمت کي برآمد کان الڳ ڪرڻ جو ملز ايسوسيئيشن سان ڪو واسطو ناهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شوگر ملز مالڪ ڪمند جي هارين کي رهتون جلد ادا ڪندا.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي انتظاميا کنڊ جي ريٽيل قيمت کي ڪنٽرول ڪندي، ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جو 28 لک ميٽرڪ ٽن اسٽاڪ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.