شاهه رخ خان گوگل کي به پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان جي ڪرشماتي شخصييت گوگل کي به متاثر ڪري ڇڏيو.
گوگل انڊيا پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي گفتگو جي وڊيو شيئر ڪئي آهي.
اداڪار ويجهڙ ۾ لوڪارنو فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي جتي کيس سئنما ۾ خدمتن جي اعتراف طور لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
ان موقعي شاهه رخ خان ايونٽ ۾ آيل ماڻهن جي مختلف سوالن جا جواب ڏنا ۽ پنهنجي حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي چيو ته جيڪي ڪيس نٿا سڃاڻن اُهي سندس نالو گوگل سرچ ڪري وٺن ۽ پوءِ واپس اچي سوال ڪن.
گوگل کي شاهه رخ خان جي اهڙي رمارڪس ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ گوگل انڊيا طرفان وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا پيجز تي شيئر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.