منو ڀاڪر ۽ نيرج چوپرا جي شادي جي خبرن ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ )پيرس اولمپڪس کانپوءِ ڀارتي جيولن اسٽار نيرج چوپڙا ۽ مشهور شوٽر منو ڀاڪر وچ ۾ امڪاني رومانوي لاڳاپ بابت اڳڪٿيون سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
ٻنهي ايٿليٽس جي وچ ۾ رومانوي لاڳاپن جا چرچا ان وقت شروع ٿيا جڏهن ته اولمپڪس کانپوءِ ڀارت ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب دوران نيج چوپڙا ۽ منو ڀاڪر کي گرم جوشيءَ سان ڳالهيون ڪندي ڏٺو ويو.
ان حوالي سان ڀارتي شوٽنگ اسٽار منو ڀاڪر جي والد رام ڪشن هڪ بيان ۾ چيو ته سندس نياڻي جي فلحال شادي جي عمر ناهي ۽ اهڙيون خبرون بي بنياد آهن.
هن وڌيڪ چيو ته منو ڀاڪر جي ماءُ ۽ سندس گهرواري نيرج چوپرا وچ کي پنهنجو پٽ سمجهي ٿي.
ٻئي پاسي نيرج چوپڙا جي چاچي به ايٿيليٽ جي شادي جي افواهن تي ردعمل ڏيندي چيو ته نيرج جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ ڪا به وڏي خبر صحيح وقت تي منظرِعام تي ايندي.
ياد رهي ته پيرس اولمپڪس 2024 جي جيولين ٿرو ايونٽ ۾ نيرج چوپڙا چاندي جو ٻِلو پنهنجي نالي ڪيو هو جڏهن ته منو ڀاڪر شوٽنگ مقابلن دوران ٻه پتل جا ميڊل کٽيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.