سونم باجوا به ارشد نديم جا ڳڻ ڳائڻ لڳي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪارا سونم باجوا پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني اٿيليٽ جيولين ٿرو ارشد نديم کي مبارڪباد ڏني آهي.
سوشل ميڊيا تي ارشد نديم جي گولڊ ميڊل کٽڻ کانپوءِ ڪيل پوسٽ تي سونم باجوا کيس پنجابي ۾ مبارڪباد ڏيندي لکيو ته ” واڌايان مبارڪبان“ اوهان ڪاميابي جا مستحق هئا، سونم باجوا جي پوسٽ وائرل ٿي وئي.
پاڪستان ۽ ڀارت ۾ موجود سونم باجوا جي مداحن جو چوڻ آهي ته اهڙا قدمن سان ئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتان گهٽائي سگهجي ٿي.
واضح رهي ته ارشد نديم پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ جيولين ٿرو جي مقابلي ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو. ارشد نديم پاڪستان لاءِ انفرادي مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ پهريون ايٿيليٽ بڻجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.