شاهين آفريدي جو ورڪ لوڊ معاملو، سعود شڪيل ڇا چيو؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي نائب ڪپتان سعود شڪيل بنگلاديش اي خلاف ميچ کان اڳ فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي ورڪ لوڊ بابت سوال تي جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي نائب ڪپتان سعود شڪيل کان پريس ڪانفرنس ۾ شاهين شاهه آفريدي جي ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ بابت سوال ڪيو ويو جنهن تي هن جواب ڏنو ته شاهين ئي اوهان کي ان باري ۾ بهتر ٻڌائي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته شاهين اسان جو اهم بالر آهي، سندس حوالي سان ٽيم انتظاميا اِهو ئي فيصلو ڪندي جيڪو فاسٽ بالر لاءِ بهتر هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.