ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي پوليس شهرين کي تفريح فراهم ڪرڻ جي سهولت لاءِ اعلان ڪيو آهي ته 14 آگسٽ تي سي ويو کليل رهندو.
ڪراچي پوليس آزادي ڏهاڙي لاءِ سي وي تي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان پلان تيار ڪري ورتو.
ايس ايس پي ڏکڻ ساجد سدوزئي چيو ته آزادي ڏهاڙي تي سي ويو شهرين لاءِ کليل رهندو ۽ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام هوندا.
هن ٻڌايو ته سينيئر پوليس آفيسرن سميت 12 ايس ايڇ اوز سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر هوندا، سي ويو ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس جون 42 موبائون موجود هونديون، جڏهن ته 74 موٽر سائيڪلن تي اهلڪار گشت به ڪندا.
سندس چوڻ هو ته انٽيليجنس اسٽاف کي سي ويو جي ڀرپاسي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، مجموعي طور تي 700 کان وڌيڪ آفيسر ۽ جوان سي ويو ۽ ان جي ڀرپاسي مقرر هوندا.
ساجد سدوزئي چيو ته ڪنهن کي غير قانوني سرگرمي جي اجازت نه هوندي.
Next Post
You might also like