ٽِڪ ٽاڪ واٽس ايپ کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

هونئن تي ٽِڪ ٽاڪ کي وڊيو شيئرنگ ايپ سمجهيو ويندو آهي پر هاڻ اِها سڌي ريت واٽس کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ ميدان تي اچي وئي آهي.
جي ها واقعي دنيا جي مشهور ترين پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ کي ٽِڪ ٽاڪ جي صورت ۾ نئين مخالف کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
ٽڪ ٽاڪ طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ۾ ميسجنگ جي حوالي سان گروپ چيٽس ۽ اسٽيڪرز جهڙين ٻن وڏين اَپ ڊيٽس اعلان ڪيو آهي.
فلحال ٽڪ ٽاڪ ۾ ون آن ون ميسجنگ ڪرڻ ممڪن آهي پر هاڻ وڊيو شيئرنگ ايپ کي گروپ چيٽس لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ڪمپني موجب، هاڻي ٽڪ ٽاڪ ۾ واهپيدار گروپ ٺاهي سگهندا ۽ هر گروپ چيٽ ۾ 32 ماڻهن کي شامل ڪري سگهبو.
ان کانسواءِ ڪنهن به گروپ ۾ شامل ماڻهو چيٽ ۽ وڊيوز شيئر ڪري سگهندا ۽ انهن وڊيوز تي تبصرا ڪري سگهندا.
پر هتي اِها ڳالهه پڻ نوٽ ڪري جهڙي آهي ته 13 کان 15 ورهين جي عمر وارن واهپيدارن لاءِ گروپ چيٽس وارو فيچر دستياب نه هوندو جڏهن ته 16 کان 17 ورهين جي ڄمار وارا نوجوان گروپ چيٽس فيچر استعمال ڪري سگهندا پر کين ڪجهه پابندين جو منهن ڏسڻو پوندو.
ان عمر جي واهپيدارن کي ڪنهن به گروپ چيٽ ۾ سندن دوست ئي ايڊ ڪري سگهندا( يعني ٻنهي جو هڪٻئي کي فالو ڪرڻ ضروري هوندو)
جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کي گروپ چيٽ ۾ شامل ٿيڻ جي لنڪ موڪلي ويندي ته اِهو تيستائين گروپ جو حصو نٿو بڻجي سگهي جيستائين گروپ ۾ سندس هڪ دوست شامل نه هوندو.
واهپيدارن کي وڌيڪ ڪنٽرول ڏيڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ طرفان ڪنهن به چيٽ گروپ ۾ شامل سمورن ماڻهن کي ميوٽ ۽ بلاڪ ٽولز تائين رسائي ڏني ويندي.
اهڙي ريت واهپيدار پليٽ فارم جي پاليسين جي ڀڃڪڙي تي ڪنهن به انفرادي شخص جي پيغامن يا سڄي گروپ خلاف رپورٽ ڪري سگهندا.
ٽڪ ٽاڪ طرفان ڊائريڪٽ ميسجز لاءِ اسٽيڪرز جو فيچر به متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ڪمپني موجب، واهپيدار پنهنجا اسٽيڪرز پاڻ ٺاهي ٽڪ ٽاڪ ۾ ٻين ماڻهن سان شيئر ڪري سگهندا يا پنهنجا پسنديدا اسٽيڪرز ڳولي دوستن سان چيٽ دوران پيغامن ۽ وڊيوز لاءِ استعمال ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.