ملڪ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سڀاڻي شام يا رات کان 18 آگسٽ تائين ملڪ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب اولهه عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان چوماسي هوائون ملڪ تي اثرانداز ٿينديون، جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد، پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز برساتون ٿي سگهن ٿيون.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 15 آگسٽ جي شام يا رات کان 18 آگسٽ تائين سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ موسم جهڙالي رهڻ سان گڏ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.