ڪراچي/ملير (رپورٽر) صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ ڪائونسل ايسوسيئيشن تحت مفت ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪري ڇڏي آهي. اسان لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي جو اسين پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خواب کي پورو ڪري رهيا آهيون. سنڌ لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن ۽ ايئر ڪرافٽ ڪمپني ASSL وچ ۾ سنڌ ۾ مفت ايئر ايمبولينس سروس جو معاهدو صوبي جي عوام کي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته مريضن کي گهوٽڪي-سکر خيرپور کان ڪراچي ايئر ايمبولينس ذريعي منتقل ڪيو ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته صحافي جان محمد مهر تي جڏهن قاتلاڻو حملو ٿيو ته کيس سکر کان ڪراچي منتقل ڪرڻو هو پر هن جي منتقلي ۾ وقت لڳي ويو، تنهنڪري سندس جان نه بچي سگهي. ايئر ايمبولينس سروس کي حيدرآباد-ٿر-نوابشاهه لاڙڪاڻو ايئرپورٽ تائين به وڌايو ويندو. بدين جي هوائي اڏن تي به ايئر ايمبولينس هلائڻ جو منصوبو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن سنڌ جي چيئرمين سيد ڪامل حيدر شاهه چيو ته ايئر ايمبولينس سان مريضن کي ڏکڻ پنجاب ۽ اتر سنڌ مان ڪراچي منتقل ڪري سندن زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته ٽي ضلعي ڪائونسلون معاهدو ڪري رهيون آهن جن ۾ سکر-گهوٽڪي خيرپور ضلعي ڪائونسلن لاءِ هر مهيني 5 اڏامون مفت ASSL هلائيندي. تقريب کي خطاب ڪندي ايئر ڪرافٽ سيلز اينڊ سروسز جي سي اي او اڪبر جعفري چيو ته اسان سڄي پاڪستان ۾ ايئر ايمبولينس سروس فراهم ڪري رهيا آهيون. جهاز ۾ اسٽيچر، وينٽيليٽر، آڪسيجن، ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف موجود هوندو. اڳواڻن جي ڳالهين کانپوءِ معاهدي تي صحيحن جي تقريب منعقد ڪئي وئي.