ڪراچي ايئرپورٽ تان پنڻ لاءِ سعودي ويندڙ 11 مسافر گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي عمري جي اوٽ ۾ پنڻ لاءِ سعودي عرب ويندڙ 11 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو.

جهاز مان 8 عورتون سميت 11 مسافرن کي لاٿو ويو جن جو واسطو پنجاب سان آهي.

ترجمان موجب جوابدار عمري جي ويزا تي سعودي عرب وڃي رهيا هئا جن ۾ شاهد، مجاد ظفر ۽ 8 عورتون شامل آهن. جوابدارن طرفان پيش ڪيل واپسي جي ٽڪيٽ جعلي نڪتي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.