لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر گراهم ٿورپ ڪجهه ڏينهن اڳ 55 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، هاڻ سندس موت بابت ڪرڪيٽر جي گهرواري ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي.
انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پنج آگسٽ تي پنهنجي بيان ۾ گراهم ٿروپ جي لاڏاڻي جو اعلان ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، گراهم ٿورپ 2022 کان سخت بيمار هو ۽ سندس علاج جاري هو، جڏهن ته سندس بيماريءَ ۽ موت جا سبب سامهون نه آيا هئا، پر هاڻ مرحوم ڪرڪيٽر جي گهرواري سندس موت بابت وڏو انڪشاف ڪيو آهي.
گراهم ٿورپ جي گهرواري امانڊا انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻو انگلش ڪرڪيٽر گذريل ٻن ورهين کان پنهنجي خراب صحت سبب ڊپريشن ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا هو.
سندس گهرواري انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل ايٿرٽن کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته گراهم ٿورپ طويل ذهني ۽ جسماني جنگ وڙهي.
هن چيو ته گراهم ٿورپ ويجهڙائي ۾ سخت بيمار هو ۽ کيس يقين ٿي ويو هوته سندس بيماري سبب گهروارا پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ سندس آپگهات سان اسان جي زندگي بهتر ٿي ويندي انڪري هن پنهنجي هٿن سان زندگي جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو.
امانڊا چيو ته خاندان طور اسان گراهم جو ساٿ ڏنو ۽ سندس علاج جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتيءَ سان هو صحتياب نه ٿي سگهيو.
واضح رهي ته گراهم ٿورپ 1993 کان 2005 وچ ۾ انگلينڊ لاءِ 100 ٽيسٽ ميچن ۾ 46 ڏهائي 66 جي ايوريج سان 16 سينچرين جي مدد سان ڇهه هزار ست سئو 44 رنسون ٺاهيون.
ان کانسواءِ هن انگلينڊ طرفان 82 ون ڊي ميچون به کيڏيون، جنهن ۾ ٻه هزار 380 رنسون اسڪور ڪيون.
رٽائرمينٽ کانپوءِ گراهم ٿورپ انگلش ٽيم جي ڪوچنگ به ڪئي ۽ هو بيٽنگ ڪوچ به رهيو.
You might also like