ن ليگ ايم اين ايز جي رڪنيت بحالي بابت فيصلو، جسٽس عقيل عباسي جو اختلافي نوٽ سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن بابت سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ ٻه هڪ جي اڪثريت سان لاهور هاءِ ڪورٽ جو آزاد اميدوارن جي ڪاميابي جو حڪم نامو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان نون ليگ جي اڳواڻن جي درخواست منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي روشني ۾ عبدالرحمان ڪانجو، ذوالفقار احمد ۽ اظهر قيوم ناهرا جي قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي جنهن جو احترام ڪرڻ گهرجي جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن بابت تذليل جوڳا جملا استعمال ڪيا.
جسٽس عقيل عباسي ڪيس ۾ اختلافي نوٽ لکيو ۽ چيو ته چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار ختم ٿي وڃي ٿو، آئين موجب چونڊ تڪرارن تي اليڪشن ٽربيونل سان ئي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
اختلافي نوٽ ۾ جسٽس عقيل عباسي لکيو ته اليڪشن ڪميشن جو چونڊ تڪرارن تي ڏنل حڪم ان جي دائره اختيار ۾ نٿو اچي، ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪرڻ جو اختيار ختم ڪرڻ سان چونڊ عمل تڪراري بڻجي ويندو.
جسٽس عقيل عباسي وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اپيل دوران چونڊ تڪرار تي فيصلو نه ٿو ڏئي سگهجي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ آئيني ۽ قانوني نقص ناهي جو مداخلت ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.