ايشيا جي امير ترين شخص کي پنهنجي ڪمپني ڪيتري پگهار ڏئي ٿي؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) مڪيش امباڻي 111 ارب ڊالرز ماليت جي اثاثن جو مالڪ هئڻ سان گڏوگڏ ايشيا جو امير ترين شخص پڻ آهي ان کانسواءِ وٽ ريلائنس انڊسٽريز جي چيئرمين شپ ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ( ايم ڊي ) جو عهدو پڻ آهي، پر ڇا هو ريلائنس انڊسٽريز جي چيئرمين ۽ ايم ڊي طور تي ڪيتري پگهار کڻندو آهي؟
ان سوال جو جواب ڏاڍو دلچسپ آهي ڇو ته هو مسلسل چئن ورهين کان پنهنجي ڪمپني لاءِ بنا پگهار جي ڪم ڪري رهيو آهي.
جي ها اِهو سچ آهي، ايشيا جو امير ترين شخص پنهنجي ڪمپني ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ گذريل چئن کان ڪا به پگهار ناهي وٺي رهيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪووڊ وبا دوران جڏهن سڄي دنيا جون ڪمپنين کي مالي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو تڏهن مڪيش امباڻي ريلائنس گروپ آف ڪمپنيز لاءِ بنا پگهار جي ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
ان کان اڳ 2008 کان 2020 تائين مڪيش امباڻي ريلائنس طرفان ساليانو 15 ڪروڙ ڀارتي پگهار طور کڻندو هو.
ريلائنس طرفان جاري ڪيل تازا ترين سالياني رپورٽ موجب، مڪيش امباڻي ڪمپنيز کان ڪنهن به قسم جو الائونسز يا ٻيون مراعتون ناهي وٺي رهيو، پر ڪمپني ڪميش امباڻي ۽ سندس ڪٽنب جي سيڪيورٽي جا خرچ ضرور ادا ڪري رهي آهي.
مُڪيش امباڻي جي گهرواري آگسٽ 2023 تائين ريلائنس جي ڊائريڪٽر رهي چڪي آهي ۽ کيس ٻه لک رپيا سيٽنگ فيس طور ادا ڪيا ويندا آهن جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران 97 لک رپيا ڪميشن طور ڏنا ويا.
مڪيش ۽ نيتا جو اولاد به ريلائنس ۾ڪم ڪرڻ لاءِ ڪا پگهار ناهي کڻندو پر هو چار لک سيٽنگ فيس ۽ 97 لک رپيا ڪميشن طور وٺندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.