9 مئي ڪيس: اي ٽي سي جي بشريٰ بي بي کان هڪ هفتي اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بشريٰ بي بي کان 9 مئي سانحي جي جاچ 7 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ بشريٰ بي بي سميت ٻين جوابدارن خلاف 9 مئي ڪيسن بابت ٻڌڻي ٿي، جتي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت جي درخواست به واپس وٺڻ تي خارج ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران عمران خان، شيخ رشيد، شبلي فراز، غلام سرور، صداقت عباسي، شيري مزاري ۽ اعظم سواتي سميت 9 مئي جا پنج سئو کان وڌيڪ جوابدار پيش ٿيا.
ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشريٰ بي بي سان جيل ۾ بدسلوڪي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جتي ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جو وڪيل پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته بشريٰ بي بي جي درخواست تي رجسٽرار آفيس اعتراض واري ڇڏيا.
جسٽس ميان گل حسن چيو ته بشريٰ بي بي جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جو اعتراض بدنيتي تي ٻڌل آهي، هو اسلام آباد مان نيب جي ڪيس ۾ گرفتار آهي ۽ اڊيالا جيل اسلام آباد جي قيدين حد تائين اسلام آباد جي جيل آهي.
هن رجسٽرار آفيس کي خبردار ڪندي چيو ته اڳتي اهڙي قسم جا اعتراض نه لڳايا وڃن.
ان کانپوءِ بشريٰ بي بي جي جيل ۾ بدسلوڪي خلاف درخواست سپرنٽنڊنٽ جيل کي موڪلي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.