پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ قائم ڪيل گڊ گورننس ڪميٽي جي ميمبر قاضي انور ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شڪايت ملي ته ڪميٽي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي به طلب ڪري سگهي ٿي.
گڊ گورننس ڪميٽي جي ميمبر قاضي انور ايڊووڪيٽ چيو سي اينڊ ڊبليو وزير شڪيل احمد کي طلب ڪيو ويو ته پيش نه ٿيو، جنهن تي صوبائي وزير شڪيل احمد چيو ته هو گهرڀاتين سان گڏ ٻاهر وڃڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو آهي.
هن چيو ته صوبائي وزير شڪيل احمد جي پيش نه ٿيڻ تي حلف ورتو ويندو ۽ لکت ۾ جواب به جمع ڪرائيندو. قاضي انور ايڊووڪيٽ چيو ته جنهن کاتي جي وزير کي وڌيڪ شڪايتون آهن ان کي پهريان گهرايو پيو وڃي.
اسان وٽ مختلف کاتن جون شڪايتون آيون آهن ، صحت کاتي ۽ خوراڪ کاتي جي وزيرن کي به گهرائينداسين.
گڊ گورننس ڪميٽي جي ميمبرن وڌيڪ چيو ته عام شهري به ڪنهن کاتي ۾ ڪرپشن يا اختيارن جي غلط استعمال جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو،
تفصيلي رپورٽ ٺاهي ڪري پي ٽي آءِ باني کي پيش ڪنداسين. صوبي ۾ ڪرپشن ۽ اختيارين جي ناجائز استعمال جي ڪا به گنجائش ناهيم شڪايت ملڻ تي وڏي وزير کي به طلب ڪري سگهجي ٿو.