اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري امڪاني طور گورنرسنڌ جي تبديلي بابت هلندڙ خبرن تي ردعمل ۾ ڏيندي چيو آهي ته عهدا ايندا ويندا آهن، ڪير به سڄي زندگي لاءِ ڪنهن عهدي تي مقرر ناهي هوندو، پر جيستائين عهدو آهي اهڙو ڪم ڪري وڃون جيڪا هميشه عوام کي ياد رهي. جيستائين گورنر جي عهدي تي آهيان عوام جي خدمت ڪندو رهندس.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته هائوس جا دروازا عام شهرين جي لاءِ به کليل آهن، حيدرآباد ۾ آءِ ٽي يونيورسٽي جي تعمير تي ڪم جاري آهي، اسان جيڪي واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪري ڏيکاريو، ليپ ٽاپ ۽ مفت راشن ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندس.